ڀٽي مخدوم ابراهيم

ڀٽي، مخدوم ابراهيم: صوفي مخدوم محمد ابراهيم تخلص ’خليل‘ مخدوم احمد ڀٽِ ”وائيءَ واري“ جي اولاد مان هڪ نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌي فارسي زبان جو عمدو شاعر ۽ پوئين وقت جي شاعرن مان هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. علم، فضل ۽ تصوف ۾ ماهر ۽ وقت جو معتبر اعليٰ بزرگ هو. نظم کان سواءِ سنڌي نثرنويسيءَ ۾ به يڪتا هو. اردوءَ ۾ هڪ ناول ”نشتر“ نالي لکيائين، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، ان وقت جي سنڌي دانن کيس داد ڏنو.
مرحوم سيد اسدالله ٽکڙائي، قاضي هدايت الله متعلوي، رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين وقت جي فاضلن، شاعرن سان طرحي مصرعن تي سندس شعربازي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي هئي. هن بزرگ 4 ربيع الاول 1331هه/ مطابق 1912ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو